جتوئي غلام رسول مولانا

جتوئي، غلام رسول، مولانا: مولانا غلام رسول ولد بهاول خان جتوئي، محرابپور، تعلقي ڏوڪريءَ جي ڳوٺ محرابپور ۾ سن 1870ع ڌاري ڄائو. ابتدائي تعليم مولوي عبدالله ڪيريي کان ورتائين، تنهن بعد ڳوٺ سوني جتوئيءَ ۾ لاڙڪاڻي جي عالم مولانا غلام عمر جتوئيءَ وٽ عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم حاصل ڪيائين. ان کان پوءِ روحاني فيض حاصل ڪرڻ لاءِ پير امام الدين راشديءَ وٽ ڳوٺ ٺلاهه شريف ويو ۽ سندس هٿ تي بيعت ڪيائين. مولانا جتوئي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڳوٺ ’ڌامراهه‘ ويو، جتي ’رحمانيه مدرسي‘ ۽ مولوي عبدالرحمٰن وٽ تعليم حاصل ڪري دستاربند ٿيو. حڪمت سکڻ جو شوق پنهنجي ڀاءُ حڪيم دوست محمد جتوئيءَ وٽان پورو ڪيائين. محمود فقير کٽياڻ جي صحبت ۽ روحاني ڪچهرين سندس طبيعت ۾ تبديلي آندي. مولوي صاحب 80 ورهين جي ڄمار ۾ 13 اپريل 1950ع تي وفات ڪئي. هيءُ قادري طريقي جو بزرگ هو، سندس خيال صوفياڻا، عارفاڻا ۽ فقيراڻا هئا. مولوي صاحب عوامي شاعر به هـو. فـي الـبـديـع شعـر چـونـدو هو. جتـوئيءَ ڪيتـرو ئـي ڪـلام چيو، جيڪو (1) ديوان جتوئي (ٻه حصا)، (2) گلزار جتوئي، (3) افڪار جتوئي، (4) جذبات جتوئي، (5) سرساز، آواز جا گداز نالي ڪتابن ۾ موجود آهي. آخري ڪتاب موسيقيءَ بابت آهي، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته مولانا صاحب کي موسيقيءَ جي به وڏي ڄاڻ هئي. مولانا جا مٿيان ڪتاب سندس حياتيءَ ۾ ئي ويڙهي مل کٽومل ڪتب فروش لاڙڪاڻي ۽ پوڪرداس ڪتب فروش شڪارپور وارن ڇپيا هئا. سندس ڪلام مختلف صنفن تي ٻڌل آهن، جن ۾ ڪافيون، مولود شريف، مناجاتون، ٽيهه اکريون، خطبا، مداحون، بيت، ڏوهيڙا، قصيدا ۽ غزل قابل ذڪر آهن .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1978.00.00  عيسوي

مولانا غلام رسول ولد بهاول خان جتوئي ، محرابپور ، تعلقي ڏوڪريءَ جي ڳوٺ محرابپور ۾ سن 1870ع ڌاري ڄائو .


1950.04.13  عيسوي

مولانا غلام رسول 80 ورهين جي ڄمار ۾ 13 اپريل 1950ع تي وفات ڪئي .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سوامي سائين سروانند
ڀڳت چنديرام
تنيو نذير احمد
زينت امان
خانبهادر رسول بخش خان مغل
خاصخيلي حسيب
حڪيم ميان شفيع محمد چنا
بصرالدين سيوهاڻي حڪيم
جادوگر
ڀڳونتي لڇمڻ ڪڪڙيجا
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون